ثمر بهشت

ثمر بهشت: انب جو هڪ قسم، هيءُ جسامت ۾ وچولي انب کان ڪجهه وڏو ٿيندو آهي. هن جي کل سنهي ۽ سائي رنگ جي هوندي آهي ۽ پيداوار لڳ ڀڳ 110 ڪلو في وڻ ٿيندي آهي. انب جو هيءُ قسم جولاءِ جي آخر ۽ وچ آگسٽ تائين پچندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو